اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪور??نا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻه?? جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪ??ي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، اهڙي بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪور??نا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انه?? جي قربانين کي آئون پنهنجي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، انه?? جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تناظر آهي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.