اسلام آباد – 09 مئي (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگي قيادت اڄ پنهنجو پوکيل ڪاٽي رهي آهي، جيڪڏهن توهان بيگناهه آهيو ته فڪر ڪه??ي ڳالهه جي?? سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيو، ڊگهيون ڊگهيون پريس ڪانفرنسون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته توهان وٽ ڪو به قانوني دفاع نه آهي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته سياست کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائيندڙ عوام کي وڌيڪ گمراهه نه ٿا ڪري سگهن، وزيراعظم ڪورونا سان وڙهي رهيو آهي جڏهن ته (ن) ليگ عمران خان ۽ ??يب تي ڪاوڙ ڪري رهي آهي.