اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عال?? سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آ??ن ۽ ڪورون?? وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورون?? وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورون?? وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورون?? وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتي??ب ٿي چڪا آهن.