ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فوري طور تي جنگ جو خطرو نه آهي، خدشو آهي ته ڀارت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ??ارت سان سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ??ن تي گڏيل قوم?? جون 11 قراردادون موجود آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪستان افغانستا?? جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمريڪا سمجهي ٿو ته افغانستا?? جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ان کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. اهڙن خيال?? جو اظهار هن عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خطاب ڪندي ڪيو