اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي ??ان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1302 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، بلوچستان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، آزاد ڪش??ير ۾ 707 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 م??ن صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 123 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ا??ڪٽ?? ڪيسن جو تعداد 15 هزار 317 آهي.