اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته سردين ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ جي لاءِ ف??س ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ين ملڪن جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان تي مهربان آهي ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان محفوظ رکيو آهي. هن ان ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو ته سردين ۾ ان جي ٻي لهر اچي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان قوم جي هر فرد کي هدايت ڪئي ته اهي فيس ماسڪ پائين ۽ عوامي جاين تي وڃڻ کان احتياط ڪن.