اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ قومي غذائي ت??فظ واري ??فاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته درآمد ٿيل ڪڻڪ جي 66 هزار ٽن جي پهرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پهرين ئي قيمتن ۾ سئو کان ڏيڍ سئو روپين تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، سيپٽمبر تائين 4 لک 88 هزار ٽن جا چار جهاز پاڪستان پهچي ويندا جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ قيمتون مستحڪم ٿي وينديون، مستقبل ۾ ان بحراني ڪيفيت کان بچڻ لاءِ، ننڍي، ڊگهي ۽ وچولي مدي واري حڪمت عملي هينئر کان اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، معياري ۽ خالص ٻجن جي نشاندهي جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن جي نشاندهي بروقت ڪئي ويندي ته جئين دهان، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته درآمد ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي ۾ لنگر انداز ٿي وئي آهي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪڻڪ پهچي وين??ي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ لاٿ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وين??ي، جنهن هٿرادو بحران پيدا ڪري ??يمتن ۾ اضافو ڪ??و ۽ عوام سڌو سنئون متاثر ٿي، ڪووڊ هجي يا ڪا ٻي بحراني صورتحال سنڌ حڪومت سدائين مسئلن تي سياست ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناهلي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ان جو الزام وفاق تي لا??و ڪيو، وفاق 14 کرب کان وڌيڪ جيڪي فنڊ سنڌ کي ڏنا، اهي ڪٿي لڳايا ويا انهن جو جواب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي شهري علائقن کانسواءِ ٻهراڙي جي صورتحال خراب آهي، هن لا??ڪاڻي کي ڪراچي بڻائڻ بدران ڪراچي کي لا??ڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا حڪمران بي نقاب ٿي رهيا آهن، نواز شريف جن ڪيسن ۾ گهربل آهي جنهن عرصي لاءِ کيس ضمانت ڏني وئي هئي هن قانون کي سرِعام مذاق اڏا??و ۽ لنڊن جي کلي فضائن ۾ ڪافي پئي رهيو آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.