اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيور??ي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ??فا??ي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ت?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل اي??ان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل اي??ان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي اي??ان اڪثريت راءِ سا?? منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيور??ي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيور??ي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. اي??ان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل اي??ان ۾ پيش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل اي??ان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي اي??ان اڪثريت راءِ سا?? منظوري ڏئي ڇڏي.