اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحاف?? جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود مل?? جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هو مل?? جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي مل?? جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏ??نهن آهي ته آئون سڄي مل?? جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزار?? جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي ب?? مدد ڪئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.