ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪ??ي رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪ??ي رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سو??وڪ?? موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽ??وئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا نمائندا به موجود هئا.