اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چئني صوبن جي گورنرن کي ٽيليفون ڪري کين عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، خيبرپختونخوا جي گورنر غلام علي، سنڌ جي گورن?? ڪامران خان ٽيسوري ۽ پنجاب جي گورن?? بليغ الرحمان کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ انهن لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.