اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهو??يت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهو??يت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهو??يت جو بنياد ۽ عوامي ??واهش?? جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ??ڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي حملو ڪري ا?? جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهو??يت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو جمهو??يت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهو??يت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.