اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آص?? علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي ??رق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. اسان قائداعظم محمد علي جناح جي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جو عزم ورجايون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت اقليتن جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي ??ڃتا طور اقليتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ جي ??اءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ملڪي آئين ۾ ضمانت طور ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تي تسليم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي ??نهي ايوانن ۾ پڻ اقليتي برادري جي ??اءِ سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي ريت غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ??الي سهائتا ۽ شادين لاءِ گرانٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. صدر وڌيڪ چيو ته اقليتي برادرين جي شاگردن کي تعليمي وظيفا، عبادتگاهن جي ??رمت ۽ سار سنڀال لاءِ فنڊن جي ??راهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان پنهنجي اقليتن جي ??ذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي ??رق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، معاشري جا سمورا طبقا جن ۾ مذهبي اسڪالرز، اقليتي نمائندا ۽ ميڊيا شامل آهن، ماڻهن کي اقليتن جي حقن جي باري آگاهي ڏين. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ بين المذاهبي هم آهنگي، محبت، رواداري، ڀائپي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندو. صدر مملڪت آص?? علي زرداري ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جون اقليتون ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.