اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿ??و. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن بشمول ناڻي واري وزير، نجڪاري واري وزير، واپار واري وزير، بجلي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير کا??سواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جي اجلاس کي نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 5 (بي) موجب پي سي بورڊ جي سفارشن جي بنياد تي نجڪاري واري وزارت جي ذريعي مرحليوار نجڪاري پروگرام پيش ڪيو ويو. نجڪاري پروگرام ۾ واپاري جاءِ ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان کي رڳو اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ا??ز تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. سي سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منافعو ڪمائي??دڙ ايس او ايز جي پڻ نجڪاري تي غور ڪيو ويندو. نجڪاري جي پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کا??پوءِ سي سي او پي ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ تفصيل سان مالي سال 2020ع کا?? 2022ع ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز جي جامع رپورٽ ۾ جهلڪ??دڙ 84 ايس او ا??ز تي غور ڪيو. سي سي او پي نجڪاري پروگرام (29 – 2024ع) جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته نجڪاري پروگرام ۾ ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي رياستي ملڪيتي ڪاروباري ادارن بابت ڪميٽي پاران اسٽريٽجڪ/ضروري ايس او ايز جي درجابندي جي حوالي سان جائزي جي تڪميل کا??پوءِ ڪيو ويندو. جن ادارن کي اسٽريٽجڪ يا ضروري طور تي درجابندي ناهي ڪئي وئي، انهن کي پروگرام ۾ سان جي شموليت بابت فيصلي جي لاءِ سي سي او پي جي سامهون رکيو ويندو. سي سي او پي نجڪاري ڪميشن وٽ پيل او جي ڊي سي ايل جي شيئرز کي خودمختيار دولت فنڊ يا توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجو??ز تي پڻ غور ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت جي لاءِ جمود برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کا??سواءِ سي سي او پي مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جنهن جي رقم 8169 ملين آهي. چيئرمين اجلاس جي پڄاڻي ڪندي نجڪاري پروگرام کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ مڪمل حڪومتي موقف سان لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيئرمين پروگرام لاڳو ڪرڻ ۾ سمورين ڌرين جي حمايت ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.