اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اه?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپ??رٽ لاءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لاءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان ج?? استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت ج?? استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪا?? وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قوم?? اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.