اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين ??ي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو رشتو مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهن. اهڙو اظهار هن سي پيڪ تي ٿيل عا??مي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اسان کي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چين پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عا??مي سطح تي انصاف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ??نيا جي ڏاکڻي علائقن جو ميمبر ملڪ آهي، هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ دنيا جي ڏکڻ طرف جا ملڪ معاشي ترقي جي علامت بڻجي اڀريا آهن، چيني سفير چيو ته دنيا جي ڏکڻ خطي ۾ واقع ملڪ عا??مي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. چين ??ي صدر شي جن پنگ ڏکڻ جي ملڪن ۾ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ فورم فر??هم ڪيو آهي. هن چيو ته چين ??ي صدر دنيا جي ڏاکڻي ملڪن جي ترقي لاءِ ??هم قدم کنيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي چين ??ي دوري ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي ??ڳت?? وڌايو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سي پيڪ ذريعي ??ڳت?? وڌايو پيو وڃي. گوادر بندرگاهه ۽ خصوصي اقتصادي زونز ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گرين ??نرجي، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ آءِ ٽي جي ش??بن ۾ تعاون وڌايو ويندو، اقتصادي راهداري ذريعي سمورا ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.