آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڊمه ڊوله، باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي و??قع?? جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏ??ار?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته دهشتگردي جي ان و??قع?? جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.