اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (ا??ن ڊي ايم اي) پنهنجي نيشنل ايمرجنسي سينٽر (اين اي او سي) وسيلي هيٽ ويو دوران اڳواٽ معلومات جي مٽاسٽا ۽ لاڳاپيل ڌرين جي جامع ردعمل وسيلي جاني نقصان کان بچائڻ ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ان جي اثرن ۾ 50 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي. اين اي او سي سال 2024ع ۾ سڄي پاڪستان ۾ گرمي جي لهر جي اثرن کي درس?? طريقي سان پيش ڪرڻ ۽ ان جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي. اها ڪاميابي اين اي او سي جي فني مهارت ۽ فعال ڊزاسٽرمينيجمينٽ ذريعي صحت ۽ حفاظت لاءِ ان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي، ا??ن ڊي ايم اي جي ه?? سينئر عملدار اي پي پي کي ٻڌايو ته مارچ 2024ع جي شروع ۾ (اين اي او سي) جي فني ٽيم مئي ۽ جون ۾ امڪاني هيٽ ويو جي لهر جي ه?? سيريز جي اڳڪٿي ڪئي، اعليٰ درجي جي موسمياتي ماڊلز ۽ آبهوا جي انگن اکرن جي تجزئي کي استعمال ڪندي ٽيم مخصوص مدي ۽ علائقن جي نشاندهي ڪئي جيڪي انتهائي هيٽ ويو کان متاثر ٿي پئي سگهيا ۽ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مارچ جي آخري هفتي تائين هيٽ ويو جي تياري ۽ رد عمل بابت هڪ جامع دستاويز جاري ڪيو جن??ن ۾ هيٽ ويو بابت امڪاني واقعن جا تفصيل، ڪاٿو شامل هو جن??ن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جهڙن علائقن کي سڀ کان وڌيڪ حساس قرار ڏنو ويو. دستاويز ۾ گرمي جي لهر جي امڪاني اثرن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو ويو جن??ن ۾ گرمي سان لاڳاپيل بيمارين جي وڌندڙ خطرن، صحت جي سارسنڀال جي سهولتن تي دٻاءُ، روز مره جي زندگي ۾ رڪاوٽون، زراعت ۽ آبي وسيلن کي درپيش امڪاني چئلينجز بابت ٻڌايو ويو. اين اي او سي جي ه?? رهنما آگاهي جو هڪ اهم رخ اهو هو ته هيٽ ويو کي منهن ڏيڻ لاءِ گهڻ رخن قدمن لاءِ زور ڀريو ويو هو جن??ن ۾ ٿڌي پاڻي جا مرڪز قائم ڪرڻ، پيئڻ جي پاڻي جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ، صحت بابت وقتائتي وارننگ جاري ڪرڻ ۽ ذاتي حفاظتي قدمن بابت مشورا ڏيڻ جهڙا قدم شامل هئا. ان کانسواءِ رهنمائي واري جاڳرتا لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڪميونيٽيز جي ڪردار ۽ ذميوارن جو خاڪو پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل دستاويزن ۾ گرمي بابت علامتن کي سڃاڻڻ ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت عوام جي جاڳرتا لاءِ ڪميونٽي جي شموليت ۽ جاڳرتا مهم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو هو. مقامي حڪومتن لاءِ سفارشن ۾ هنگامي طبي خدمتن کي وڌائڻ ۽ عوام سان مواصلات ذريعن کي برقرار رکڻ شامل هو. مئي 2024ع ۾ پاڪستان پڻ اهم هيٽ ويو لهرن جو تجربو ڪيو جن??ن بعد جون جي شروعات ۾ هڪ ٻيو شديد اسپيل آيو پر وقتائتي مشورن ۽ اين اي او سي طرفان فراهم ڪيل مڪمل رهنمائي وارن خطن عيوض ان هيٽ ويو جي ناڪاري اثرن کي ڪافي حد تائين گهٽايو ويو. ا??ن ڊي ايم اي عملدار وڌيڪ چيو ته اين اي او سي طرفان قائم ڪيل مانيٽرنگ ۽ فيڊ بڪ ميڪينزم مان خبر پوي ٿي ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، ان کانسواءِ صحت جي سارسنڀال جي سهولتن جي ڪري گرمي وارين بيمارين جا ڪيس گهٽ رپورٽ ٿيا. سال 2024ع ۾ هيٽ ويو جي درست اڳڪٿي ۽ اثرائتن انتظامن نه رڳو عوامي زندگي ۽ معيشت جو تحفظ ڪيو پر سائنس تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ ڪميونٽي لچڪ جي اهميت کي به هٿي وٺرائي. هن وڌيڪ چيو ته ا??ن ڊي ايم اي جي رٿابندي، ايجنسين وچ ۾ رابطا سازي ۽ عوامي تحفظ لاءِ عزم ايندڙ سالن ۾ ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي ڪوششن لاءِ هڪ ماڊل طور ڪم ڪندو. اٿارٽي مختلف سرڪاري تنظيمن، عالمي سرڪاري تنظيمن ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجميٽ اٿارٽي سان گڏجي هاڻوڪي هيٽ ويو لاءِ اثرائتي طريقي سان انتظام ڪيا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ پنجاب جي خطن کي هيٽ ويو جا خطرا درپيش هئا. هيٽ ويو بابت اڳٿڪي ڪندي ا??ن ڊي ايم اي پنهنجي حصيدارن سان اسڪولي ٻارڙن ۽ پورهيتن سميت سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آبادين جي حفاظت لاءِ تيز ۽ فيصلائتيون ڪارروايون ڪيون. شديد گرمي کان فوري رليف ۽ تحفظ لاءِ سنڌ ۽ سڄي پنجاب ۾ هيٽ ويو ڪولنگ سينٽر قائم ڪيا ويا. اهي مرڪز اسٽريٽجڪ طور تي واقعي هئا ته جيئن خطري جي لپيٽ وارن گروهن لاءِ وڌ کان وڌ پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي، ضروري سهولتن سان ليس تربيت يافته عملي سان اهي مرڪزي ضرورتمندن لاءِ پناهگاهه بڻجي ويا، طبي تياري جي اهميت کي سمجهندي ايمبولينسن کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ رکيو ويو، ان فعال قدم ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته گرمي جي ڪري صحت جي حوالي سان خطرن کي گهٽايو ويو. ا??ن ڊي ايم اي جون اهڙيون ڪوششون نتيجن واريون ثابت ٿيون ۽ هيٽ ويو دوران ا??ن ڊي ايم اي 4 هزار 5 مريضن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ۽ کين وقتتائتي طبي امداد ڏني وئي جن مان 3 هزار 979 مريضن جو ڪاميابي سان علاج ڪري واپس گهر اماڻيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته رڳو 26 مريض نگراني هيٺ رهيا جن کي انتهائي نگهداشت جي ضرورت هئي. ڏکين حالتن باوجود 144 چوپائي مال جو محدود نقصان ٿيو، اها سموري ڪاميابي ا??ن ڊي ايم اي جي ڪاميابي، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۾ تياري ۽ اهميت کي واضح ڪري ٿي. ا??ن ڊي ايم اي جو اين جي اوز ۽ آءِ اين جي اوز ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽيز جي سهڪار سان جامع ڪوششن وسيلي قدرتي آفتن باوجود به اهم هاڪاري نتيجا سامهون آيا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ هيٽ ويو جي اثرائتي نظام ان قسم جي شراڪتدارين جي لچڪ کي وڌايو ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اسين مستقبل ۾ به اهڙيون ڪاميابيون بهتر سهڪار، مسلسل چوڪس رهڻ سان حاصل ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجي ڪمزور آبادي کي ايندڙ چئلينجن کان بچائڻ لاءِ هميشه تيار آهيون.