بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين سان پنهنجي دوست?? تي فخر آهي، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏي?? خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائ?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ تعاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان جي گڏي?? خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀرائ?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جو ٿورائتو آهيان، چيني وزيراعظم سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته چين سان اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏي?? خواهش کي سگهه ڏي ٿي.