اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تربت نيول ايئر بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي سان دهشتگرد جهنم واصل ٿيا ۽ اسان هڪ وڏي نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پوري قوم پنهنجي ب??ادر ??يڪيورٽي فورسز سان گڏ بيـٺل آهي ۽ انهن کي ??لام پيش ڪري ٿي.