اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن شرڪت ڪئي ?? تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته ملڪي ترقي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي موجوده وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. و??ير??عظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيشت جي هر شعبي ۾ جدت کڻي اينداسين، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. و??ير??عظم ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.