اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته حڪومت پاران چونڊن جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون، فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي، سيڪيورٽي سنجيده مسئلو آه??، دهشتگردي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه آه??، پاڪستان ۾ مشڪل ۽ سخت ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آه??، ووٽ وجهڻ حب الوطني جي گهرج آه??، پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندا. ”پبلڪ نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اڃا تائين حل طلب آه??، 75 سال اڳ ڀارتي وزيراعظم پاڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ واعدو ڪيو هو ته ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏنو ويندو، اهي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪندا. هن چ??و ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کڻي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، ڀارتي آئين ۾ آرٽيڪل 370 کي ختم ڪري ڪشميرين جي حقن کي سلب ڪيو ويو. هن چ??و ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. سيڪيورٽي جي صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته سيڪيورٽي سنجيده معاملو آه??، ڪابل ۾ افغان طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ مختلف دهشتگرد گروهن جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو آه??، رڳو گذريل سال دهشتگردي جا اٽڪل 1500 واقعا ٿيا. هن چ??و ته گذريل رات شب ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن ۾ پوليس جا جوان شهيد ٿيا. هن چ??و ته تازو ئي بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ 24 دهشتگردن کي ماريو ويو. هن چ??و ته پاڪستان ۾ مشڪل ۽ سخت ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آه??، 2007ع جون چونڊون بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪري اٽڪل هڪ مهينو التوا جو شڪار ٿيون، 2013ع جون چونڊون ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال ۾ ٿيون هيون. هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي جنگ جاري آه??، دهشتگردي جي واقعن سان پاڪستان حڪومت، رياست ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽتائي ناهي آئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو بيان افسوسناڪ آه??، چونڊن ۾ اسان جو ڪو اميدوار نه آه??، چونڊن ۾ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ڏئي رهيا آه??ون. هن چ??و ته رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، ڪنهن سياسي پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي. هن چ??و ته اسان جي پوري ڪوشش آه?? ته ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه ملي، جڏهن ته شڪايت ڪرڻ پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو آه??، ملسم ليگ (ن) کي سنڌ ۾، پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ۽ مولانا فضل الرحمان کي خيبرپختونخواهه ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت آه??، ليول پليئنگ فيلڊ تي سياست ٿي رهي آه??. هن چ??و ته مون کي يقين آه?? جڏهن پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي ۽ پنهنجي پسند جي پارٽين کي ووٽ ڏيندي ته نتيجا پاڻ ڳالهائيندا. هڪ سوال تي هن چ??و ته 2024ع جي چونڊن جي لاءِ ووٽرز جو انگ گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آه??، رڳو عورت ووٽرز جي انگ ۾ 20 لک جو اضافو ٿيو آه??. هن چ??و ته 2024ع جي چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ منظور ٿيڻ جي شرح به گذريل چونڊن کان وڌيڪ آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چ??و ته مقامي، غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت هڪ آن لائين هيلپ لائين قائم ڪئي آه??. هن چ??و ته عوام پنهنجي ووٽ جو صحيح طريقي سان استعمال ڪري، ووٽ ڏيڻ حب الوطني جي گهرج آه??، جڏهن توهان ووٽ ڏيو ٿا ته توهان پنهنجو پاڻ کي محب وطن ثابت ڪريو ٿا. هن چ??و ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آه?? ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چ??و ته چونڊن جي حوالي سان قياص آرائيون ڪيون ويون پر اسان مستقل مزاجي سان چ??و ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چ??و ته چونڊن جي موقعي تي حڪومت پاران موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي، جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته اتان جي مقامي انتظاميا صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿي. هن چ??و ته غيرمعمولي صورتحال غيرمعمولي حل جي گهرج ڪري ٿي پر اڃا تائين اهڙي ڪا غيرمعمولي صورتحال موجود نه آه??. هن چ??و ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون، فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه ٿئي ٿي، پاڪستان حڪومت، ان جا لاڳاپيل ادارا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪوڙين خبرن تي باقاعدگي سان وضاحت جاري ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي، جيڪا پارٽي جتي ڪامياب ٿيندي اتي پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، قومي اسيمبلي جيئن ئي قائد ايوان چونڊيندي ۽ وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو ته نگران حڪومت تحليل ٿي ويندي. هن چ??و ته چونڊيل حڪومت کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين بابت هينڊ اوور نوٽ ڏئي وينداسين، پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل پارليامينٽ پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندا.