اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصرو??يت?? جي ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پ??ڪس??ان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير علي صبري جي وچ ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ (نام) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن ??ي اهميت ڏي ٿو. هن پ??ڪس??ان جي سريلنڪا سان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي ٻطرفن مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصرو??يت?? جي ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.