اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحاف?? جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا کي ??بو??ن تي ٻڌل مستنند معلوما?? جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ۽ صحاف?? جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صحاف?? جي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صحاف?? جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ??بو??ن تي ٻڌل مستنند معلوما?? جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهي آهي، صحافين مل?? جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ صحاف?? جي آزادي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.