اسلام آباد-26 ڊسمبر (ا?? پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (س?? پيڪ) ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ وارو عظيم منصوبو هاڻي ترقي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. چيني ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته س?? پيڪ جي تعمير ۾ پاڪستاني پورهيتن ۾ بدستور واڌ ٿي رهي آهي، انهن پورهيتن ۾ توانائي بابت ماهر خرم جاويد به شامل آهي، هو پاڪستان ۾ پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن آف چائينا جي هڪ ذيلي برانچ ۾ تيل ۽ گيس جي منصوبن جي حوالي سان جوڙي ويندڙ ٽيم جو سربراهه آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي تلاش ڪرڻ جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي ڪرڻ آهي. خرم جاويد چيو ته س?? پيڪ جتي چين ۽ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن کي مربوط ڪري رهيو آهي، اتي ان منصوبي ۾ ٻين ملڪن لاءِ شموليت ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا به ??وج??د آهن. ان منصوبي جو مست??بل اميدن ۽ امڪانن سان ڀريل آهي جنهن سان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وسيع شعبن ۾ گ??رن لاڳاپن ۽ گڏيل خوشحاليءَ جو رستو هموار ڪرڻ آهي.