اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي جنازي نماز چڪل??لا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي، کيس مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو وي??، سندس جنازي نماز ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽ??ف ڪميٽي، چيف آف آرمي ??سٽ??ف ۽ وڏي انگ ۾ سول ۽ فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهرين ۽ شهيد جي مائٽن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سندس عمر 42 سال هئي ۽ هو ڊي ايڇ اي ٽو اسلام آباد ۾ ??هن??و هو، هو خيبرپختونخواهه جي علائقي واديءَ تيراهه ۾ شهيد ٿيو. لڪي مروت سان تعلق رکندڙ 31 س??لا نائيڪ خوشدل خان، چارسده سان تعلق رکندڙ 27 س??لا نائيڪ رفيق خان ۽ مريءَ سان تعلق رکندڙ 33 س??لا لانس نائيڪ عبدالقادر جي جنازي نماز پڻ سندن اباڻي علائ??ن ۾ ادا ڪئي وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي جي هر قيمت تي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.