اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلت??تا?? جي عوام کي گلگت بلت??تا?? جي آزادي جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلت??تا?? جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي، پاڪ??تا?? حڪومت گلگت بلت??تا?? ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلت??تا?? جي جنگ جي آزادي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??ڄ جو ڏينهن گلگت بلت??تا?? ۽ پوري پاڪ??تا?? جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گلگت بتل??تا?? جي غيرتمند عوام پاڪ??تا?? قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره ر??ڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻن جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيارن جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ گلگت بلت??تا?? جي بهادر ماڻهن پاڪ??تا?? سان الحاق کي ترجيح ڏن??. ه?? چيو ته گلگت بلت??تا?? جي آزادي اسان جو اثاثو ۽ سرمايو آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گلگت بلت??تا?? جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پاڪ??تا?? جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غيرمشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائقي جي حب الوطني جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائين جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائي ڇڏيو ته گلگت بلت??تا?? پاڪ??تا?? جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلت??تا?? جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انهن جي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واضح قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقتن جي خاموشي جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ڪشميرين جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته گلگت بلت??تا?? بهترين موقعن ۽ امڪانن جي سرزمين آهي، قدرتي ۽ معدني وسيلن ۽ عوام جي بي پناهه صلاحيتن سان گلگت بلت??تا?? خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آه??. ه?? چيو ته گلگت بلت??تا?? سميت پوري پاڪ??تا?? جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? حڪومت گلگت بلت??تا?? ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.