اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برط??ني?? جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي، برط??ني?? سان ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قو??صل?? مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ برط??ني?? لاڳاپن، نفرت انگيز بيانن، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي خاتمي، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ۽ يو ??ين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه پاڪستان برط??ني?? سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، برط??ني?? سان ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ??ه يو ??ين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام سان غلط معلومات ۽ نفرت انگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي غلط ۽ نفرت انگيز بيانن جي نشاندهي ڪندڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪارن جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران وفاقي وزير چيو ??ه مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. هن چيو ??ه صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برط??ني?? جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت انگيز بيانن ۽ غلط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ??ه فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اطلاعات واري وزير برطانوي پوليٽيڪل قو??صل?? کي ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪندي چيو ??ه چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. برطانوي پوليٽيڪل قو??صل?? پاڪستان ۽ برط??ني?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.