اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??مو??ين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب ??مو??ن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري نگران وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تع??ون?? صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ??رب??ت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي استعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت ??رب??ت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن دور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب ??مو??ن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته ??مو??ين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلا??ي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلا??ي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان ??رب??ت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلا??ي لاءِ ??مو??ا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.