اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج انتظا??ن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته حا??ين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حا??ين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلات نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مذهبي معاملن واري نگران وزير انيق احمد ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظا??ن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم حج انتظا??ن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. نگران وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حا??ين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي گڏيل حصيداري سان حا??ين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪر?? ۽ ??ن نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حا??ين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگران وزيراعظم چيو ته حا??ين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم مذهبي معاملن واري نگران وزير ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪر?? ۽ ??فصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.