اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ڪيس جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري ??هي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوني ماهر ان جو جائزو وٺندا، بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. ??ها ڳالهه هن توانائي واري نگران وفاقي ??زير محمد علي ۽ ناڻي واري نگران وفاقي ??زير شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چئي. نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي ??زير چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري ??هي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ۽ اسان جا قانوين ماهر ان جو جائزو وٺندا ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، هن وقت تڪبندين جو ڪم هلي رهيو آهي، اسان جي ڪمٽمنٽ آهي ته چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ۽ مالي وسيلن سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون.