اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان کي پنهنجي هيروز تي فخ?? آهي، 8 ماڻهن کي ريسڪيو ڪري انهن بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بٽگرام ۾ اسان جي هيروز چئلينج کي پوري طرح منهن ڏنو، اسان جي فوج، انتظاميا ۽ مقامي جوانن گڏجي وڏي خطري کي ٽاري بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. انهن 8 ماڻهن جون زندگيون بچائي اسان جي اتحاد جي قوت جو هڪ ڀيرو ٻي??ر مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي نتيجي ۾ اڄ اسان جو قومي جذبو اڀري سامهون آيو آهي. اسان جا هيروز قابل فخ?? آهن.