ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي بئنڪاري ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي مالي شموليت کي وڌيڪ وڌائڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ص??في برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، بئنڪنگ سيڪٽر کي عورتن ۽ خصوصي ماڻه?? کي آسان ۽ پهچ جوڳي مالي خدمتن جي فراهمي کانسواءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا ۽ فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انه?? کي نو??رين دوران تربيت فرهام ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس سنڌ ۾ مختلف بئنڪن جي نمائندن سان منعقد ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي قدمن تي اڳڀرائي سان گڏوگڏ روزگار ۽ مالياتي موقع?? کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جائزه ??جل??س ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ مختلف ڪمرشل بئنڪن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز شرڪت ڪئي. اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي صدر چيو ته اهو ڏسڻ حوصلي جوڳو آهي ته عورت کاتيدارن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي نو??رين ۾ انهن جي حصي ۾ گذريل سالن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ص??في برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۽ ٻين معاشي سرگرمين ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نو??ريون تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ گهرجي. صدر سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تيز رفتار ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بئنڪنگ انڊسٽري کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز کي استعمال ۾ آڻيندي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هلڻو پوندو. هن بئنڪنگ فراڊ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪن جي حفاظتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بئنڪنگ صارفين جي مفادن جو موثر تحفظ ڪري سگهجي. صدر بئنڪ?? کي چيو ته اهي پنهنجي صارفين ??ي پيش ڪئي ويندڙ مختلف سهولتن ۽ مالياتي مصنوعات بابت بيداري پيدا ڪن ۽ گڏ ئي انهن جي بئنڪنگ مسئل?? کي تيزي سان حل ڪن. اسٽيٽ بئنڪ جي عهديدارن ۽ ڪمرشل بئنڪنگ جي سربراهن صدر کي ٻڌايو ته برانچ ليس بئنڪنگ، اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ، خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بئنڪنگ ۾ نو??ريون ۽ برابري تي بئنڪنگ جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ عورت اڪائونٽس هولڊرز جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ معذوري جي 2 سيڪڙو ڪوٽا ??ي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي.