اسلام ??باد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪامسٽيڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪستان ۾ قا??قستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قا??قستان ۾ نوبل فيسٽيول ??ي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل فيسٽيول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قا??قستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قا??قستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام ??وش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.