اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هيپاٽائيٽس ۽ لاڳاپيل ب??ما??ين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون ب??ما??يون ?? فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هيپاٽائيٽس سي جي ب??ما??ي جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر ه??پاٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش ب??ما??ي آهي، اڪثر ان ب??ما??ي جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سان جگر کي شديد نقصان ن?? پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جگر جي ب??ما??ي ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪريننگ ڪريون ?? هيپاٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي ب??ما??ي ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي هيپاٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.