اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يوڪرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي ??ٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪي?? آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوڪريني هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته يوڪرين سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ هڪ ملڪ طور اسان سمجهون ٿا ته پراڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، يوڪرين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ??ارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪي??ن آهن ۽ پاڪستان به ان کان مستثنيٰ نه آهي. هن چيو ته يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ??وس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا يوڪرين سان پ??اڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زرعي ۽ دفاعي تعاون، ثقافتي ??ٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ گهرا رابطا شامل آهن، اسان گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي تعمير پاڪستان جي لاءِ ترجيحي شعبو آهي. هن چيو ته اسان گڏيل طور تي ??ائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا جيڪي اسان جي قومن جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ مددگار ٿين. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي اتفاق ڪي??، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي ??ڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي ??ڻ اتفاق ڪي?? آهي، اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي ??ڌائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ۾ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان موجوده صورتحال تي ??نهنجي گهري ڳڻتي جو اظه??ر ڪيو ۽ قيمتي جانين جي زيان ۽ بي پناهه انساني مصيبتن تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظه??ر ڪيو. هن چيو ته پنهنجي معاشي چئلينجز جي باوجود يوڪرين جي ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان انساني امداد موڪلي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊگهو تڪرار شهري آبادي جي لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي اميد آهي ته امن قائم ٿيندو ته جيئن يوڪرين ۽ روس جا ماڻهو امن جا ثمر حاصل ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون ملاقات ۾ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ امن قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي آمادگي جو اظه??ر ڪيو جيڪي خطي ۾ امن آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي پرامن حل جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 12 جولاءِ تي جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، تشدد جي لاءِ اتساهيندڙ مذهبي نفرتن جي خلاف قرارداد جي حمايت تي ??وڪرين جي حڪومت جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي ??قين ظاهر ڪندي چيو ته اسان پ??ڪستان ۽ يوڪرين جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي ??ڌڻ جي عزم جو اظه??ر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان يوڪرين سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي ??وڪرين جي پرڏيهي وزير ديمترو ڪوليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي، اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت تي ??اڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي ??رڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پڻ موجود هئا.