اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ وڌيو ويجهيو، گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ترقيا??ي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاران 25.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ اسان کي نئين عزم اڳتي وڌڻو آهي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي منصوبن تي ڪم ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف سان 12 جولاءِ ??ي معاهدو ٿي ويندو، پ??ڪس??ان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، مشڪل وقت ۾ چيني حڪومت ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون ۽ انهن جي تعاون کي سدائين ياد رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي هڪ ڏها??ي مڪمل ٿيڻ جي موقعي ??ي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير کانسواءِ چيني ناظم الامور پانگ چنشوئي ۽ چين ۽ پ??ڪس??ان جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 10 سال اڳ 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئي ته هن چيني قيادت سان گڏجي اهو منصوبو شروع ڪيو، 5 جولاءِ 2013ع تي بيجنگ ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون ۽ اها پهرين مفاهمت جي ياداشت آهي جنهن حقيقت جو روپ ڌاريو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پ??ڪس??ان ۾ گهٽ ترين وقت ۾ ڪول ۽ هائيڊل جي پاور پراجيڪٽس، اورنج لائين ٽرين ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جا منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، پ??ڪس??اني ۽ چيني قيادت ۽ انجنيئرز ۽ پورهيتن ڏينهن رات محنت ڪئي. هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڪابينا ۽ ٽيم جي ميمبرن کي سي پيڪ جو منصوبو وڌائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيني قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن مشڪل ترين وقت ۾ پ??ڪس??ان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي لاءِ چين اسان جي لاءِ جيڪو ڪيو، اسان ان کي سدائين ياد رکنداسين. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ ان وٽ لفظ نه آهن. وزيراعظم سي پيڪ کي انتهائي شفاف منصوبو قرار ڏيندي چيو ته انتهائي بدقسمتي ۽ افسوس جو مقام آهي ته اڳوڻي حڪومت ان منصوبي مان نه رڳو ڪيڙا ڪڍيا پر بي بنياد الزام هنيا ۽ بدگماني پکيڙي جنهن سان سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو ۽ پ??ڪس??ان ۽ چين جا لاڳاپا جيڪي هماليه کان به بلند آهن ۽ جن کي ڪڏهن ڪو دشمن به ڪمزور ڪرڻ جو سوچي نه سگهيو، دوست نما دشمنن ان ۾ ڏار وجهڻ ۽ انهن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي پاڪ چين لاڳاپن کي ٻيهر بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين سان دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ سي پيڪ جو منصوبو هاڻي نئون رخ اختيار ڪندو جنهن تحت بي ٽي بي اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا جنهن جي ذريعي صنعتڪاري، پيداوار ۽ روانگي واپار ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي حصيداري سان زراعت جي شعبي ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسان جي اتحادي حڪومت ڌرڻن، احتجاج، مظاهرن، ڌمڪين ۽ اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو، اسان جا دوست نما دشمن سياسي اڳواڻ سيڙپڪاري نه ڪرڻ ۽ پ??ڪس??ان جي سريلنڪا بڻجڻ جي اڳڪٿيون ڪندا رهيا. انشاءَ الله 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ وڃي ??هي?? آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پ??ڪس??ان جي معاشي صورتحال کي سنڀالڻو آهي، چين مشڪل ترين وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ 5 ارب ڊالر فراهم ڪيا، سعودي عرب، يو اي اي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ به پ??ڪس??ان جي ڀرپور مدد ڪئي، چين پ??ڪس??ان جي دوست ملڪن ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورائتا آهيون جن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن جون ڌڄيون اڏايون پر اسان آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدي جي پاسداري ڪنداسين، دوست نما دشمن پ??ڪس??ان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا پر الحمدالله 9 مهينن جو پروگرام بڻجي چڪو آهي، پ??ڪس??ان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، ه??ڻي اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي?? محنت ڪرڻي آهي ۽ غريب عوام کي مهانگائي کان بچائڻو آهي، اشرافيه ۽ دولتمند طبقي جو فرض آهي ته اڳتي وڌي ۽ پ??ڪس??ان ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ نئين عزم سان اڳتي وڌڻ تي زور ڏيندي چيو ته هاڻي اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، پ??ڪس??ان ۾ اربين کربين ڊالر جا معدني وسيلا موجود آهن جن کي پ??ڪس??ان جي عوام ۽ ٻنهي ملڪن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم سالن کان پ??ڪس??ان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جا پڻ ٿورا مڃيا.