ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪ??ڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شه??د قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪ??ڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن چيو ته د??يا ڏسي وٺي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.