اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪ??هه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ دهشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آ??گن??ئيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عا??مي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ??وٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.