اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم ج??ري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏ??ل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جو هڪ متحرڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏ??ل قومن پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏ??ل قومن جي ڪردار کي ساراهيو.