اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي م??املا بهتري بدران خراب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ اسان سان گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن ??يا??ن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ايوان ۾ زندگ?? جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران ??يا??ن جي اظهار سان آئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، هن شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سيڪريٽري، پروٽوڪول سيڪشن، ميڊيا سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته هت?? جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن جي ڳالهه جو محور پاڪستان جي م??اشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪستان جي علامت آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان تي به هتي ڳالهه ٿيڻ گهربي هئي، هن چيو ته اسان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحال?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جي اها بدقسمتي آهي ته هتي م??املا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيا، هن چيو ته پاڪستان جي م??اشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ اسان لاهن چاڙهن جو شڪار ئي رهيا آهيون، ان جو هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني م??اخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ لاڳو رهيو جنهن جو وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، هن چيو ته اسان کي انهن سببن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي م??رشل لا ڇو لاڳو ٿيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان کي م??ضي م??ن سبق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته اسان کي پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئ?? جي ڳچي پڪڙڻ سان هي ادارو ۽ رياست ٻئي ڪمزور ٿيندا. اسان کي سنجيده سياستدانن طور بردباري، تحمل، برداشت سان هڪٻئ?? جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن اهم موقعي تي م??الف ڌر انهن تقريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو اسان جي وچ ۾ هجن ها ته خوش?? جي ڳالهه هجي ها ۽ ان سان عوام تائين سٺو پيغام وڃي ها ته پاڪستان جا سياستدان آئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان سان سٺو پيغام وڃي ها، هن چيو ته سياست تفريح جو نالو ناهي سياست پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل سان اڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ڪريو ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ?? فرض آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ايوان ۾ مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ڪريون ته جيئن ايندڙ 50 سال خوشحالي ۽ ترقي جا ٿين.