اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ ??ي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر ??دي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ??يندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري ??ي حوايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت ??ي حوالي سان وزيراعظم ??ي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ??يو ته اهو منصوبو مقرر ??دف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ??يو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب ??ي حوالي سان ٻڌايو ??يو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوالي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ??يو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن ??دمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حوالي سان مواد شامل ڪيو ??ڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ان حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ??يو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.