اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته علائقي جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. اهڙن خيال?? جو اظهار هن وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان جا حل طلب مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ??يا??ت جي فروغ جي حوالي سان وفاقي حڪ??مت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.