ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر ۽ رياستي ادارن تي خصوصي ماڻهن کي فعال شهري ب??ائ?? جي لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري کي وڌيڪ جامع ب??ائ?? جي سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار، سهولتن ۽ قبوليت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي خود??خت??اري جي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ بئنڪن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ساليانو انعامي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر اهي ڳالهيون گورنر هائوس ڪراچي ۾ بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نمائندن سان عورتن کي بااختيار ب??ائ?? ۽ ??خت??ف صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي شموليت بابت اجلاس دوران چيون. صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي رڳو پنهنجي منافعي کي وڌائڻ تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي پر معاشري جي پٺتي پيل طبقن خاص طور تي معذور ماڻهن جي مدد جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پڻ ادا ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪنگ انڊسٽري کي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري جي پروگرامن جي ذريعي معاشري ۾ شموليت ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اين جي اوز يا نجي تنظيمن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر بئنڪ ۾ خصوصي فوڪل پرسنز جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن، سول سوسائٽي، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، بئنڪن وغيره کي ??خت??ف معذور ماڻهن جي لاءِ قبوليت ۽ روزگار کي يقيني ب??ائ?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن عورتن کي بااختيار ب??ائ?? جي اشارن کي بهتر ب??ائ?? ۽ خصوصي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ بئنڪنگ جي ڪردار کي ساراهيو. صدر عورتن کي بااختيار ب??ائ?? ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شموليت بابت مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي حوالي سان وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي ڪردار کي ساراهي?? ۽ ??يو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، پي ٽي اي کي موبائيل سروس جي پيغامن جي ذريعي ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئ??ن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ چيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مناسب تربيت جي ذريعي هنرمند ۽ پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. هن ??خت??ف معذور ماڻهن جي خاص طور تي شاپنگ سينٽرز، بئنڪنگ، ريسٽورانٽس، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تائين پهچ کي بهتر ب??ائ?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.