اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳ??پن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا رابطا اسان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي ??رمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پنهنجي ??هر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سا?? لاڳاپا اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳ??پن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.