اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪا??ڪر??گي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي ??طا?? ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??طا?? ڪندي صد?? چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪا??ڪر??گي جو مظاهرو ڪري رهي آهي ج?? کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آه?? ۽ اسا?? کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صد?? چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪا??ڪر??گي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪا??ڪر??گي سڀني پاڪستانين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ا?? کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.