شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن ت?? اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو عزم رکي ٿو، سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محم?? بن سلمان بن عبدالعزيز ??لس??ود سان ڳالهائيندي ڪ??و، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ – 27 سمٽ“ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ڀائراڻن رابطن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ قدرن ۽ گڏيل حمايت جي لازوال روايت تي ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??لس??ود جو تمام گهڻو احترام ۽ سعودي عرب جي عوام سان ت??ام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ 20 لک پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب جي مهمان نوازي ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. رياض ۾ پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزاده محم?? بن سلمان وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي منتظر وزيراعظم چيو ته کيس اعتماد آهي ته هي دورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن خاص طور تي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي مالي مدد تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان ”ڪوپ – 27“ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ تحت ٺوس ماحولياتي قدمن جي فعاليت تي ولي عهد جي ڪ??ششن کي پڻ ساراهيو ۽ سعودي قيادت کي پاڪستان پاران مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو.