اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته آئنده سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا، ح??وم?? سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي ح??وم?? جي مدد ڪندي، ??وم?? سلامتي کان به اهم معاشي سيڪيورٽي آهي، جيڪڏهن ملڪ جي معاشي سيڪيورٽي نه هوندي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط نه هوندو ته ??وم?? سلامتي ۽ دفاعي سلامتي کي به خطرو هوندو، هن وقت سوات ۾ افغانستان جي ڪري ??ورتحال خراب ٿي، ان تي ضابطو آندو ويندو، پاڪستان ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن هجڻ ضروري ??هي. اهڙو اظهار هن عرب نيوز جي سالياني ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصي کان ??يت??يون ئي تبديليون خاص طور تي محمد بن سليمان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آيون آهن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ آيل تبديلين ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو، تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ به تبديليون آيون، پرنٽ کانپوءِ ٽي تي ۽ هاڻي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا سدائين سوسائٽي جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪيو. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ به ميڊيا وڏي ترقي ڪئي آهي، موجوده حالتن ۾ ميڊيا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ ده??تگردي جا مسئلا ??يت??ن ئي ڏهاڪن کان آهن، خيبرپختونخوا ۾ سياسي صورتحال سبب سوات ۽ ٻين اترين علائقن ۾ صورتحال خراب ٿي، وفاقي ح??وم?? صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي ح??وم?? جي مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جو يوڪرين جي جنگ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه آهي، اسان جي دلچسپي ته اها آهي ته امن هجي ۽ گڏيل ??وم?? جي قانونن تي عمل ٿئي. اسان آمريڪا لاءِ جنگيون وڙهيون، آمريڪا سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف آمريڪا جا دورا ڪيا جيڪي مثبت رهيا آهن.