جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبديلي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئل??نج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي ??هي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين ??و چئل??نج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبديلي هڪ وڏو چئل??نج ??هي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو هڪ واضح ??ثال آهي، پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئل??نج ??هي. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻهو امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت ??هي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم کنيا وڃن.