اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائن?? ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائن?? ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چائن?? ٿري گارجز تحت ڪروٽ ??ائيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ڪروٽ ??ائيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپنين ۽ چين ج?? عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چائن?? ٿري گارجز کي ڪروٽ ??ائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن ک?? ساراهيو.